اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)آءِ ايس پي آر موجب، فوج جي اعليٰ قيادت اڱاري ڏينهن سعودي عرب جي توانائي جي ڍانچي تي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي “غير ضروري ڇڪتاڻ” قرار ڏنو آهي.
هي پيش رفت ان وقت سامهون آئي جڏهن چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشلعاصم منير ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي 274 هين اجلاس جي صدارت ڪئي، جيڪو جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيو۔
بيان موجب، فورم وچ اوڀر ۾ جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت جي “سخت ۽ تيز ڪوششن” کي ساراهيو، ۽ ضبط، ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي سڏ کي ورجائيندي پاڪستان جي اصولي سفارتڪاري ۽ تعميري رابطن واري عزم کي ٻيهر ظاهر ڪيو۔
فورم پاڪستان کي هڪ ذميوار علائقائي ڌر قرار ڏيندي چيو ته ملڪ امن ۽ استحڪام لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فورم “ڳڻتي” جو اظهار ڪندي سعودي عرب جي پيٽروڪيميڪل ۽ صنعتي مرڪزن تي تازن حملن جي سخت مذمت ڪئي، ۽ انهن کي اهڙي غير ضروري ڇڪتاڻ قرار ڏنو جيڪو تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي سنجيده ڪوششن کي نقصان پهچائي ٿو۔
بيان موجب، فورم نوٽ ڪيو ته بادشاهت طرفان “سنگين اشتعال انگيزي” جي باوجود ڏيکاريل ضبط ۽ متوازن رويو وچٿري ۽ سفارتي حل کي ممڪن بڻايو۔
پر ساڳئي وقت چيو ويو ته اهڙيون “غير ضروري جارحيتون” امن جي جاري ڪوششن ۽ سازگار ماحول کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون۔
ان کان اڳ، پرڏيهي آفيس پڻ سعودي عرب جي توانائي مرڪزن تي حملن جي مذمت ڪندي انهن کي “خطرناڪ ڇڪتاڻ” قرار ڏنو، جيڪا علائقائي امن ۽ استحڪام کي متاثر ڪري ٿي۔
اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گذريل سال رياض ۾ “اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدو” تي صحيون ڪيون هيون، جنهن تحت ڪنهن به هڪ ملڪ تي حملو ٻنهي خلاف جارحيت تصور ڪيو ويندو۔
ان دوران آءِ ايس پي آر چيو ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال جو به جامع جائزو ورتو، ۽ اهو عزم ورجايو ته ڀارت ۽ ٻين ٻاهرين سرپرستن جي هدايت تي ڪم ڪندڙ دهشتگرد عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي بنا ڪنهن رعايت جي ختم ڪيو ويندو۔
بيان موجب، 26 فيبروري تيافغان طالبان خلاف شروع ڪيل “آپريشن غضب لِلحق” جي رفتار جاري رکي ويندي، جيستائين دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا ختم نه ٿين ۽ پاڪستان خلاف افغان سرزمين جو استعمال مڪمل طور بند نه ٿئي۔
فورم ڀارت طرفان جاري “غلط ڄاڻ، بي بنياد الزام ۽ ڪوڙن بيانن” کي پڻ سختي سان رد ڪندي چيو ته اهڙيون حڪمت عمليون عالمي سطح تي بي نقاب ٿي چڪيون آهن۔
بيان ۾ چيو ويو ته فورمڀارت پاران غير قانوني طور قبضو ڪيل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ۽ تازن جعلي مقابلن جي واقعن جو ذڪر ڪيو جيڪي مبينا طور غير عدالتي قتلن کي لڪائڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن۔
پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي، فيلڊ مارشل عاصم منير هٿياربند فوجن جي پيشيورانه مهارت، بهترين ڪارڪردگي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پختي عزم جي ساراهه ڪئي۔
هن چيو ته حڪومت، فوج ۽ عوام جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان سيڪيورٽي ڪاميابين کي مضبوط ڪري رهيو آهي، اقتصادي مضبوطي وڌائي رهيو آهي ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي حيثيت کي بهتر بڻائي رهيو آهي۔
هن ڪمانڊرن کي هدايت ڪئي ته هو اعليٰ درجي جي آپريشنل تياري، پيشيورانه معيار ۽ حالتن سان هم آهنگي برقرار رکن، ۽ فوج جي صلاحيت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو هر قسم جي خطرن کي منهن ڏئي سگهي ٿي ۽ ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي يقيني بڻائي سگهي ٿي۔
اجلاس جي شروعات ۾ فورم هٿياربند فوجن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بيگناهه شهري شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي، جن وطن جي دفاع ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون۔
بيان ۾ چيو ويو ته انهن بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي فورم ٻيهر واضح ڪيو ته انهن جو ورثو پاڪستان جي قومي سلامتي جو بنياد آهي۔










