فوجي قافلي تي حملو،9 جوان شهيد،5 زخمي،سرچ آپريشن جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ پاڪ فوج جي قافلي ويجهو آپگهاتي حملي ۾ 9 جوان شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملو بنون جي علائقي جاني خيل ۾ پاڪ فوج جي قافلي جي ويجهو ٿيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي ۾ پاڪ فوج جا 9 جوان شهيد ۽ 5 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا آهن.آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فوجي قافلي جي ويجهو موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي ڌماڪو ڪري ڇڏيو.سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو