فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪيس،فل ڪورٽ جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ عام شهرين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل هلائڻ خلاف فل ڪورٽ جوڙڻ تي درخواست تي گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فوجي عدالتن ۾عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ڇهه رُڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، اٽارني جنرل منصور عثمان کان پڇاڻو ڪيو ته ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته گذريل ڏينهن فيصل صديقيءَ جي درخواست ٻڌي وئي، جيستائين هن ڪيس جو تعلق آهي سمورين ڌريون خاطري ڪرائي چڪيون آهن، گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. اٽارني جنرل چيو ته گرفتار جوابدارن کي سندن گهرڀاتين سان ملڻ ۽ وڪيل ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ کين فيئر ٽرائل جو حق ڏنو پيو وڃي. منصور عثمان عدالت کي ٻڌايو ته نوَ مئي جي واقعن ۾ ڪنهن جو ڏوهه عمر قيد يا موت جي سزا جي نوعيت جو نه آهي، ڪالهه لطيف کوسي چيو ته هڪ همراهه کي جڊيشل مئجسٽريٽ پنهنجي سامهون پيش ٿيڻ کان منع ڪيو، کوسي صاحب چيو ته گرفتار جوابدارن سان تذليل جوڳو رويو رکيو ويو. اٽارني جنرل چيو ته گرفتار ڪيل 102 جوبدارن مان ڪنهن جي به مئجسٽريٽ آڏو پيش ٿيڻ تي اهڙي قسم جو واقعو پيش ناهي آيو، هر شخص جي عزت ۽ وقار جو خيال رکيو پيو وڃي، خاطري ڪرايان ٿو ته گرفتار جوبدارن مان ڪنهن سان به برو ورتاءُ ناهي ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو غير منصفاڻو ورتاءُ ڪيو ويو آهي ته ترت ايڪشن ورتو ويندو. هن چيو ته ڪيئي ڪجهه درخواستگذارن فل ڪورٽ جوڙڻ جي حمايت ناهي ڪئي،فل ڪورٽ جوڙڻ يا نه جوڙڻ عدالت جو اختيار آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته اسان پاڻ ۾ مشاروت ڪري ورتي آهي، فيصل صديقي صاحب اوهان هڪ قابل وڪيل آهيو، اوهان جي عزت ڪريون ٿا انڪري فل ڪورٽ جي درخواست ٻڌي پر عدالت اهڙي طرح ڪيس جي وچ ۾ درخواستون ناهي ٻڌندي. چيف جسٽس عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل هلائڻ خلاف ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته فل ڪورٽ سپٽيمبر تائين دستياب نه آهي، عدالتي موڪلون به هلي رهيون آهن، سمورن ججن جون نجي مصروفيتون به آهن جيڪي هن ڪيس جي ڪري معطل آهي، ٻه ڀيرا پهريان ئي ٻه بئنچون معطل ڪري فل ڪورٽ جوڙي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان الله کي جوابده آهيون انڪري پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، ڪنهن کي وڻي نه وڻي، اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين، اسان جو ڪم ٺيڪ آهي يا غلط ان جو فيصلو وقت ۽ تاريخ ڪندي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته سُپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته قانون کان هٽي ڪري قائم ڪيل ڪورٽ کي عدالت نه مڃيو ويندو. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته آئين پٽاندڙ انساني حقن جي سهولت عام شهرين کي حاصل آهي، آئين تحت انصاف جي حق سميت آزاد عدليا جي سهولت سويلينز کي حاصل آهي، هر شهري وٽ ڪنهن به عدالت ۾ وڃڻ وقت آزادي جو حق هوندو آهي. هن سوال ڪيو ته اهڙي عدالت جيڪا آرٽيڪل 175 اي تحت قائم ناهي پر عدالت آهي ان ۾ عام شهرين کي آزادي ڪيئن هوندي؟ . ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان جو چوڻ هو ته آرمي ايڪٽ جا گهڻي قدر شق وردي وارن تي لاڳو ٿين ٿا. جنهن تي جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته ٿورا اوهان جا مڃڻ گهرجن جو انهن شقن جو ڪيس اسان جي سامهون نه آهي، جيڪڏهن اوهان کي هاڪاري جواب ملي وڃي ۽ خدشا ختم ٿين ٿا ته ٻڌائجو. چيف جسٽس چيو ته ٻي صورت ۾ سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکنداسين، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته مونکي فلحال ان حوالي سان هدايتون وٺڻيون آهن، ايڊجوٽنٽ جنرل سان ڳالهايو آهي ته هو فوج جي سربراهه سان ڳالهه ٻولهه ڪري، اپيل بابت ٽن چئن رخن تي غور جي ضرورت آهي، آرمي ايڪٽ ۾ هڪ ته پرڏيهي آهن جيڪي جاسوسي سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن، ان جو هڪ مثال ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو آهي. منصور عثمان ڳالهه جاري رکندي چيو ته ٻيو اِهو ته آرمي ايڪٽ جي هيٺان ڪورٽ مارشل جو معاملو آهي، ٽيون اهڙا ماڻهو جيڪي فوج خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث آهن ۽ چوٿين درجي ۾ اهڙا ماڻهو جيڪي نوَ مئي جي واقعن ۾ ملوث آهن، انهن سمورن معاملن کي نظر ۾ رکي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، اڄ به جي ايڇ ڪيو ۾ اختيارين سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ممڪن آهي ڪو هاڪاري جواب ملي ته ان سان درخواستگذارن جا خدشا ختم ٿي ويندا، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو