فوج، سول انتظاميه ۽ قوم گڏجي ڪورونا کي منهن ڏيندا

جيڪب آباد (دولت گل مستوئي )ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت پاڪ آرمي پاران قائم ڪيل عارضي ڪيمپ ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس جي صدارت ميجر جنرل طاهر احمدشاھ ڪئي جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي سکر ڪامران افضل، ڊي آء جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ، برگيڊيئر عادل علي،  ڪرنل محمود خان ڪمشنر لاڙڪاڻو سليم رضا کھڙو ، ڪرنل زاهد علي ڊي سي جيڪب آباد غضنفر علي قادري ، ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي شريڪ ٿيا.

ڊي س ۽ ايس ايس پي اجلاس کي بريفنگ ڌيندي ورتل اپائن بابت آگاھ ڪيو. ايس ايس پي ٻڌايو ته ضلعي اندر 26 سئو پوليس اهلڪار سٺي نموني ڊيوٽي ڏيئي رهيا آھن جڏھن ته 65 پوليس موبائلون ڊيوٽي ۾ استعمال ٿي رهيون آھن ضلعي جي 66 داخلي ۽ خارجي رستن کي بند ڪري سخت چيڪنگ ڪئي پئي وڃي. ڪمشنر جيڪب آباد ٻڌايو ته ضلعي اندر اٺن ڏينهن تائين جي خوراڪ جو اسٽاڪ موجود آھي ۽ اٺن ڏينهن تائين ٽرانسپورٽ لاء تيل جو اسٽاڪ به موجود آھي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران ڏنل حڪمن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۽ اسپتالن ۾ پڻ ايمرجنسي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ميجر جنرل چيو ته هي ملڪ لاءِ ڏکي گهڙي آهي ان ۾ فوج، سول انتظاميه ۽ قوم کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. افراتفري پکڙجڻ نه ڏني ويندي ۽ سڀ گڏجي هڪ ٽيم جيان ڪم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو