اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف جيل ٽرائل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز فواد چوڌري جي درخواست منظور ڪري ورتي.هاڻي اليڪشن ڪميشن ۾ اڳوڻي وفاقي وزير خلاف توهين عدالت جي فرد جرم به بي اثر ٿي ويندو.










