فواد حسن فواد ۽ گهر ڀاتين تي فرد جرم لاڳو، الزامن جو انڪار

فواد حسن فواد ۽ گهر ڀاتين تي فرد جرم لاڳو، الزامن جو انڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نوازشريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد ۽ ان جي گهر ڀاتين تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ فواد حسن فواد جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جج محمد اڪمل خان ڪئي ۽ فرد جرم پڙهي ٻڌائي. عدالت جوابدارن جي بريت جي درخواستن کي واپس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.عدالت جن ماڻهن مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي ان ۾ فواد حسن فواد، رباب حسن، وقار حسن ۽ انجم حسن شامل آهن. فواد حسن فواد سميت چئن جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. عدالت جوابدارن جي خلاف ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن کي بيانن جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو