فلم ڪاف ڪنگنا تي تنقيد، فوجي ترجمان جي وضاحت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فلم ڪاف ڪنگنا تي تنقيد جاري آهي ۽ فوجي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور کي آئٽم سانگ بابت وضاحت ڪرڻي پئجي وئي. 25 آڪٽبر تي پاڪستاني سينمائن ۾ رليز ٿيل هن فلم تي منڍ کان وٺي تنقيد هلي رهي آهي. هلندڙ مهيني جڏهن فلم جو فائنل ٽريلر جاري ٿيو ته فلم جي ڪهاڻي، ڊائلاگز ۽ اداڪارن تي سوشل ميڊيا تي خوب تنقيد ڪئي وئي. جنهن بعد فلم جي ڪاسٽ ۾ موجود عائشه عمر، سميع خان ۽ ايشل فياض چيو ته في الحال فلم رليز ٿيڻ جو انتظار ڪريو ۽ اجائي تنقيد مناسب ناهي. فلم جو هڪ ٽائٽل سانگ “خوابون ۾ پاڪستان” جاري ٿيو ته ان تي به تنقيد ٿيڻ لڳي، هن گاني ۾ نيلم منير پرفارم ڪيو آهي.

نيلم منير وضاحت ڪئي ته هن فلم ۾ ان ڪري پرفارم ڪيو ته هي آءِ ايس پي آر جو پروجيڪٽ هو ۽ هي منهنجي زندگي جو پهريون ۽ آخري آئٽم سانگ آهي، مان جيڪو ڪم ڪندي آهيان فخر سان ان کي تسليم به ڪندي آهيان. هڪ مداح ميجر جنرل آصف غفور کي مخاطب ٿيندي هڪ ٽوئيٽ ڪئي جنهن ۾ آئيٽم سانگ جي تصوير سان گڏ حميرا ارشد جو به هڪ فوٽو شيئر ڪيو ۽ لکيو ته هوءَ فوج پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ پرفارم پئي ڪري.

جنهن جو جواب ڏيندي آصف غفور جوابي ٽوئيٽ ڪئي ته آئيٽم سانگ ۾ انڊين ڇوڪري جو ڪردار ڪندي اداڪارا کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ فلم ڏسندا ته سمجهي ويندا. حميرا ارشد جي تصوي بابت هن لکيو ته اها تقريب جي ايڇ ڪيو يا راولپنڊي ۾ نه ٿي هئي. “خوابون ۾ جب پاڪستان گئي ري ، انڊيا بولا ساڊي جان گئي ري” گانو ساحر علي بگا ڪمپوز ڪيو آهي ۽ آواز جو جادو عائمه بيگ جاڳايو آهي. ياد رهي تي ڪاف ڪنگنا فلم ۾ والاريل ڪشمير جي تاريخي پسمنظر کي پيش ڪندي ٻنهي ملڪن جي جوڙي کي پيار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو