واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ جي مشهور فلم ٽائيٽينڪ ۾ اداڪارا ڪيٽ ونسليٽ جو پائڻ وارو ڪوٽ نيلام ڪيو ويندو.پرڏيهي ميڊيا موجب، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪوٽ تي اڃا تائين پاڻي جا داغ موجود آهن جيڪي فلم جي شوٽنگ دوران اتي پيا.رپورٽن موجب اداڪارا جي هن ڪوٽ جي قيمت هڪ لک ڊالرن کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.ڪوٽ کي نيلام ڪرڻ واري شخص موجب جمعي جي رات تائين پنجن ماڻهن ان تي اڳي ئي بولي لڳائي هئي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ بول 34,000 ڊالر هئي.واضح رهي ته 47 سالن جي ڪيٽ ونسليٽ اهو ڪوٽ 1997ع ۾ مشهور هالي ووڊ فلم ٽائيٽينڪ ۾ پاتو هو.
