فلم جو نالو ڊنڪي نالو ڇو رکيو،شاه رخ جو دلچسپ جواب

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان شوقين مداحن کي پنهنجي نئين فلم ”ڊنڪي“ جي منفرد نالي جو سبب ٻڌايو آهي.هي سال ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان لاءِ بهترين رهيو آهي. هن وقت تائين رليز ٿيل سندس ٻئي فلمون ’پٿان‘ ۽ ’جوان‘ باڪس آفيس تي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.جنهن کانپوءِ اداڪار هاڻي پنهنجي فلم ”ڊنڪي“ جي رليز جي تيارين ۾ مصروف آهي جيڪا هن سال 21 ڊسمبر تي رليز ٿيندي.هن نئين فلم جو نالو بلڪل منفرد ۽ عجيب آهي جنهن تي هن وقت تائين اداڪار جي مداحن ۽ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا صارفين فلم جي نالي جي معنيٰ ڄاڻڻ لاءِ تجسس جو اظهار ڪيو آهي.تازو ئي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٻئي مداح شاهه رخ خان کان اهو ئي سوال پڇيو، ڇا توهان مون کي فلم جو نالو ”ڊنڪي“ رکڻ جو سبب ٻڌائي سگهو ٿا.مداح جي سوال جي جواب ۾ اداڪار لکيو ته ”ڊنڪي“ جو مطلب آهي سرحد پار ڪرڻ غير قانوني طور تي. هن دلچسپ لکيو ته هي لفظ فنڪي، هنڪي ۽ بندر وانگر پڙهيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو