فردوس شميم نقوي کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم

فردوس شميم نقوي کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت پي ٽي آئي اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت ۾ فردوس شميم کي علاج فراهم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت فردوس شميم نقوي کي سموريون ضروري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته سپرنٽنڊنٽ سينٽرل جيل فردوس شميم نقوي جو جناح اسپتال مان چيڪ اپ ڪرايو عدالت سپرنٽنڊنٽ سينٽرل جيل کان 20 جون تائين فردوس شميم نقوي جي صحت بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فردوس شميم نقوي جي عمر 68 سال آهي ۽ هو ڪينسر جو مريض آهي ۽ هو اين آئي سي وي ڊي سکر ۾ به ڪجهه ڏينهن داخل رهيو آهي کيس سکر مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو