فراڊ ڪيس، فواد چوڌري خلاف فرد جرم جي تاريخ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. عدالت چيو ته فواد چوڌري تي مالي فراڊ ڪيس ۾ 10 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.ٻڌڻي جي شروعات تي جج محمد سهيل چيو ته اڄ ٻڌڻي شروع ٿيندي.فواد چوڌري جي وڪيل قيصر امام چيو ته مان صرف ڪيس ورتو آهي، فائل ڏسڻ لاءِ وقت گهرجي، فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي، اڳوڻي وزير کي هٿڪڙيون نه لڳڻ گهرجن.جج محمد سهيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهي سڀ شيون فواد چوڌري کي باقي قيدين کان مٿانهون بڻائينديون آهن؟ وڪيل صفائي قيصر امام چيو ته عدالت جي ڪمري اندر هٿڪڙيون نه لڳايون، فواد چوڌري وڪيل آهي، فواد چوڌري کي ڪڏهن منهن ڍڪي ۽ ڪڏهن هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو ويندو آهي، فواد چوڌري ميڊيا جي هيڊ لائنز بڻجندو آهي، کيس هٿڪڙيون نه لڳايون وڃن، سڀ ڪجهه ڪيو وڃي. اهو فواد چوڌري کي ذليل ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، برصغير ۾ ذلت لاءِ هٿڪڙيون لڳنديون آهن، سڀاڻي فواد چوڌري اسان جي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڪندو.جنهن تي جج محمد سهيل چيو ته معاملي جي جاچ ڪري مناسب حڪم ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو