فخر ۽ مان وڌيڪ اوور کيڏون ها ته نتيجو مختلف هجي ها: بابر

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته فخر زمان ۽ فخر زمان ڪجهه وڌيڪ اوور کيڏي ها ته ميچ جو نتيجو مختلف هجي ها. بابر اعظم چيو ته مخالف ٽيم جو اسڪور سٺو رهيو، منهنجو خيال آهي ته اسان جي بالرن سٺي بالنگ ڪئي. هن چيو ته اسان جي بيٽنگ ۾ به بهتري آئي پر اسان ميچ کي سٺي نموني ختم نه ڪري سگهياسين. جيڪڏهن ڪو 40 يا 50 اسڪور ڪري ها ته مان سمجهان ٿو ته اسان هي ميچ کٽيون ها. بابر اعظم چيو ته فخر زمان ۽ مان 4 کان 5 اوور وڌيڪ کيڏيون ها ته نتيجو مختلف هجي ها.هن اهو به چيو ته اسان کي وڏي پارٽنرشپ جي ضرورت آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته رانديگرن کي خبر آهي ته ٽيم ۾ سندن ڪردار آهي ۽ اسان ان بابت هن سيريز کان اڳ واضح هئاسين.

پهنجو تبصرو موڪليو