فاطمه جي والدين پاران خودڪشي جي ڪوشش،بااثر ڌمڪيون پيو ڏي

خيرپور (ن س )راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي والدين پاران ڌمڪيون ملڻ جون دانهون ڪيون خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاطمه جي امڙ شبنم ۽ پيءُ نديم چيو ته بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ۽ لالچون ڏئي رهيا آهن فاطمه جي والدين انڪشاف ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن جو هڪ مائٽ وٽن آيو هو ۽ پريشان ڪرڻ تي هنن مايوسي وچان آپگهات جي ڪوشش به ڪئي، فاطمه جي امڙ ۽ والد چيو ته جوابدارن سان ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جج جي موڪل تي هئڻ سبب ٻڌڻي 13 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو