ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر فاطما ڦرڙو جي وارثن پاران ميڊيڪل بورڊ تي ڪيل اعتراضن بعد قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ جوڙيل بورڊ ۾ ڪراچي جي ٻن ڊاڪٽرن کي به شامل ڪيو آهي. 19 آگسٽ تي وڏي وزير جي ترجمان رشيد چنا پاران جاري ڪيل بيان ۾ بڌايو ويو آهي ته ڪراچي جي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه ۽ ڊائو يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ذڪي الدين کي به شامل ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن عدالتي حڪم بعد ڊي جي هيلٿ سنڌ فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. نوابشاهه جي ايڊيشنل پوليس سرجن جي اڳواڻي ۾ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ 19 آگسٽ تي قبر ڪشائي ڪئي ويندي. نوشهرو فيروز مان منظور ملڪ موجب پوليس خانواهڻ لڳ ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ويجهو ملهڻ جي مقام ۾ قبر تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي. سوڀو ديرو جي سول جج پاران راڻيپور جي وڏي پيراڻي حويلي ۾ وحشياڻي تشدد ۾ فوت ٿيل 10 سالن جي ملازمه فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي واري حڪم بعد ايس ايڇ او راڻيپور پوليس جي درخواست تي نوشهرو فيروز جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محبوب علي جواهري ڪنڊيارو جي فرسٽ سول جج کي فاطما عرف سايا ڌيءَ نديم ڦرڙو جي قبر ڪشائي جي نگراني لاءِ نامزد ڪيو آهي.

سوڀو ديرو جي مئجسٽريٽ پاران جاري ڪيل حڪم جي پوئواري ڪندي ڊي جي هيلٿ حيدرآباد سنڌ ارشاد ميمڻ موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. بورڊ ۾ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پي ايم سي نوابشاهه، فراز مهر پي ايم سي نوابشاهه، پروفيسر آف پيٿالاجي ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊي ايڇ او آفيس نوشهروفيروز اسد علي ڪلهوڙو کي قبرڪشائي لاءِ ٺاهيل بورڊ ۾ مقرر ڪيو ويو آھي. منظور ملڪ موجب ايس ايڇ او خانواھڻ مير محمد رند ۽ 10 کان وڌيڪ عملو قبر تي موجود آهي. ڪجهه مشڪوڪ ماڻھو فاطمہ ڦرڙو جي قبر بابت پڇا ڪري رھيا ھئا جنهن بعد وارثن پاران لاش گم ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو جنهن تي پوليس قبر تي پهرو ويهاري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته معصوم نينگري فاطما تي پير اسد شاهه جيلاني، سندس زال حنا شاهه تشدد ڪندا هئا. گهر جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ هڪ ڪمري ۾ اسد شاهه گوڏ ٻڌل حالت ۾ نظر اچي ٿو جنهن ۾ فاطما جا ڪپڙا لٿل آهن ۽ هوءَ تڙپي تڙپي فوت ٿئي ٿو. ويڊيو موجب ٻه عورتون بري طرح زخمي ٿيل فاطما جي مدد لاءِ اچڻ ٿيون جن کي اسد شاهه دڙڪا ڏئي ڀڄائي ٿو. هن ڪيس ۾ گرفتاري جو حڪم ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جاري ڪيو ۽ نگراني ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو ڪري رهيا آهن. پهريون ڀيرو غريب ماڻهن جي انصاف لاءِ وڏي درگاهه جي ظالم پير خلاف ڪاروائي ٿي آهي. متاثره ڇوڪري جا والدين راڻيپور درگاهه جا مريد آهن جن جون 3 معصوم ڇوڪريون حويلي م نوڪرياڻيون آهن. فاطما جي هڪ ٻئي مائٽ ڇوڪري به حويلي مان ڀڄي نڪتي آهي جنهن جو چوڻ آهي ته کين گهر ۾ گرم استري سان ڏنڀ ڏنا ويندا هئا ته ڪڏهن مٿن تيزاب هاري مسلسل تشدد ڪيو ويندو هو. هن ڪيس ۾ پير اسد شاهه جيلاني گرفتار آهي، سندس زال حنا شاهه جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ عبوري حفاظتي ضمانت ڪرائي آهي. فاطما جو موت طبعي هجڻ ۽ گيسٽرو جي مرض سبب فوت ٿيڻ جو بيان ڏيندڙ ڊاڪٽر ۽ تڙ تڪڙ ۾ لاش دفنائي ڇوڪري جي والده تي دٻاءُ وجهي اهو بيان ڏيارڻ ته ڇوڪري جي جسم تي تشدد جا نشان نه هئا، اهو ايس ايڇ او امير چانگ گرفتار آهن. جاچ آفيسر فاطما جا رت هاڻا ڪپڙا جيڪي پوريا ويا هئا، اهي پوليس برآمد ڪيا آهن. واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ اسلام آباد جي سول جج جي گهران پڻ سرگوڌا جي معصوم رضوانا مرڻينگ حالت ۾ ملي هئي جيڪا لاهور جي اسپتال م علاج هيٺ آهي ۽ تشدد ڪندڙ جج جي زال جيل ۾ آهي.