غير قانوني نڪاح ڪيس: سول جج جو فيصلو ڪالعدم

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشرا بي بي خلاف غير قانوني نڪاح ڪيس ۾ سول جج جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.سيشن جج اعظم خان سول جج جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته درخواستگذار جي اپيل منظور ڪندي سول جج جو 13 مئي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.تفصيلي فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته معاملو جوڊيشل مئجسٽريٽ بني گالا ڏانهن واپس موڪليو وڃي، قانوني نقطن کي نظر ۾ رکندي جوڊيشل مئجسٽريٽ درخواست تي فيصلو ڏئي.عدالت جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار موجب سول جج سندس دليلن کي تفصيل سان نه ٻڌو، سول جج جو فيصلو ۽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته ڪيس جي تفصيلي ٻڌڻي نه ٿي. تفصيلي فيصلي ۾ عدالت جو چوڻ آهي ته درخواستگذار اسلام آباد جي عدالت جو دائرو اختيار ڪيو، درخواستگذار موجب سول جج فيصلو ڏيندي قانوني نقطن تي غور نه ڪيو.عدالت جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سول جج جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشرا بي بي خلاف خانگي درخواست داخل ڪئي وئي، درخواستگذار محمد حنيف سول جج جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي.تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته لاهور ۾ شادي جي تقريب منعقد ٿيڻ کان پوءِ سول جج درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏيو، سول جج جي فيصلي موجب اسلام آباد جي عدالت جو دائرو اختيار ناهي.عدالت تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته درخواستگذار موجب پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشرا بي بي شادي کانپوءِ بني گالا ۾ رهنديون آهن.تفصيلي فيصلي ۾ عدالت اهو به چيو آهي ته پراسيڪيوٽر رانا حسن عباس درخواست جي مخالفت ڪئي ۽ سول جج جي فيصلي کي برقرار رکيو.

پهنجو تبصرو موڪليو