غير قانوني مڇي مارڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ فشريز بابت وڏي وزير جي صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو آهي ته غير قانوني مڇي مارڻ ۾ ملوث مافيا، بااثر فردن ۽ منظم ڏوهارين جو تعلق ڪنهن به تنظيم سان ڇو نه هجي جيڪڏهن پابندي مڙهيل جڳهين تي ڄار وڇايا ويا ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اڄ فشريز کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل علي محمد مستوئي، ڊائريڪٽر ميرين عاصم ڪريم ۽ ڊائريڪٽر ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اعجاز احمد ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صلاحڪار سيد نجمي عالم کي کاتي بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي سيد نجمي عالم چيو ته ساحلي پٽين جهڙوڪه سجاول، ٺٽو، بدين ۽ زيرو پوائنٽ تي پابندي باوجود غير قانوني ڄار وڇائيندڙ ماهيگيرن کي فوري گرفتار ڪيو ويندو ۽ سندن ٻيڙيون ۽ سامان فوري طور ضبط ڪري ساڙيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس کان علاوه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان به مدد ورتي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سياسي وابستگي رکندڙ ماڻهن سان پڻ منهن ڏنو ويندو. لائيو اسٽاڪ بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو ته جيڪڏهن اسان ان ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿيا ته اسان جي سمنڊن ۾ مڇي جي واڌ ۾ وڏو فرق پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ٻيلي کاتي سان رابطو ڪيو ويندو ته جيئن سمنڊ جي ڪناري تي مينگروز جي حفاظت ڪئي وڃي پر اسان کين گذارش ڪنداسين ته لاڳاپيل هنڌن تي مينگروز جا وڌيڪ ٻوٽا لڳايا وڃن ته جيئن اسان جا سامونڊي ڪنارا سرسبز ۽ شاداب رهن. سيد نجمي عالم چيو ته فشريز کاتو ۽ ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي کي دنيا جو بهترين ادارو بڻائينداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جيڪو ڪم شروع ڪيو آهي سو اڌورو نه ڇڏينداسين ۽ گهڻو جلد ٻنهي ادارن ۾ بهتري آڻينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو