عدالت جتوئي تي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

عدالت جتوئي تي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي لکت ۾ معافي وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عمر سومرو موقف اختيار ڪيو عدالتي حڪم باوجود اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عدالتي حڪم باوجود ڪيس داخل ڪرڻ تي عدالت پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي نوابشاهه ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ کي لکت ۾ معافي وٺڻ جو حڪم ڏنو. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ڊي ايس پي لکت ۾ عدالت کان معافي گهري ورتي. عدالت جو چوڻ آهي ته غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪن ٿا ته عدالت کي لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو