عيد کانپوءِ سمورا شادي هال بند ڪنداسين: شادي هال مالڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شادي هالز ايسوسيئيسن شهر ۾ شادي هال ڊاهڻ جي خلاف عيد کان پوءِ احتجاج جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي شادي هال ايسوسيئيشن جي صدر رانا رئيس چيو ته شادي هال ڊاهڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته عيد کان پوءِ شادي هال بند ڪري ڇڏينداسين پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ شادين جي تقريبن جو بائيڪاٽ ڪنداسين جنهن کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ شادي هال بند ڪيا ويندا اعليٰ اختيارين جيڪڏهن نطرثاني نه ڪئي ته احتجاج وڌايو ويندو شادي هال جي صدر ايسوسيئيشن رانا رئيس چيو ته ايس بي سي اي ۽ انتظاميه شهر ۾ قانوني شادي هالن کي به ڊاهي پٽ ڪري رهيا آهن سمورن قانوني ڪاغذن جي موجودگي جي باوجود لاڳيتو شادي هالن کي ڊٿو پيو وڃي ايس بي سي اي جي ڪارروائي جي خلاف شادي هال مالڪن ۾ سخت ڪاوڙ ڇانئجي وڃي ٿي هن چيو ته رات جي اونداهي ۾ شادي هال ڊاهڻ اوچتو ٽيم پهچي وڃي ٿي اطلاع ۽ قانوني اجازت کان سواءِ شادي هال ڊاٿو وڃي ٿو رات جي اونداهي ۾ آپريشن سبب ليبر جي جان کي نقصان جو خدشو آهي ڇو ته ان وقت اتي ليبر ستل هوندي آهي جيڪڏهن ڪنهن به ليبر جي جان کي نقصان ٿيو ته ذميوار انتظاميه هوندي هن صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري صاهب کان گهر ڪئي ته صورتحال جو نوٽيس ورتو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو