عيد سبب ٽماٽر جي اگهه ۾ سو سيڪڙو واڌ ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)هر سال وانگر هن ڀيري به عيد کان اڳ ٽماٽن جي اگهه ۾ زبردست اضافو ٿي ويو. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٽماٽر جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ 100 رپين ۾ 4 ڪلو ملندڙ ٽماٽا هاڻي 100 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. عيد کان اڳ ڪوئيٽا ۾ به ٽماٽر جي في ڪلو اگهه ۾ اوچتو 100 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي ۽ ٽماٽو جو اگهه 50 کان 100 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب عيد جي موقعي تي ٽماٽي جي طلب وڌڻ سان ان جو اگهه به وڌي ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو