ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته عورتن تي صنفي جي بنياد تي تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، تشدد جي نتيجي ۾ زنده بچي وڃڻ واريون عورتن لاءِ پناهه گاهه جي پاليسي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ميريئٽ هوٽل اسلام آباد ۾ ”تشدد کان محفوظ عورتن جي پناهه گاهه جي زندگين کي بهتر بنائڻ “Improving Post-Shelter Lives of Women Survivors of Violence “ جي موضوع تي عورتن جي ترقي کاتي سنڌ ۽ روزن پاران منعقد ڪيل پاليسي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن جو بنيادي مقصد اقليتي عورتن سميت تشدد کان بچيل عورتن ۽ ڇوڪرين جي سماجي ۽ معاشي بحاليءَ لاءِ پوسٽ شيلٽر پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ هو. هن چيو ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ جي عورتن جي ترقي واري کاتي جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بهتر ۽ اطمينان بخش آهي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽ اهڙي قسم جا درجنين ڪيس ڪاميابي سان حل ڪيا آهن جيڪي ناقابل حل ڏسڻ ۾ ايندا هئا پر ان ۾ سماجي ۽ غير سماجي تنظيمن جو به ڪردار آهي جيڪو عوام ۽ اداري جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو بڻيا. هن چيو ته ان منصوبي تي حيدرآباد ۽ سکر ۾ روزن سان عملدرآمد جاري آهي ۽ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ننڍين ننڍين خامين کي به درست ڪيو وڃي. هن چيو ته لاڳاپيل ماهرن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته تشدد کان بچيل اهڙين عورتن کي، جن محفوظ هنڌن (شيلٽر هائوسز) ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي ، انهن کي سماجي ۽ معاشي طور تي مستحڪم ڪري کين معاشري باوقار بڻايون. هن چيو ته اسان شهيد راڻي محترمه بينظير جي عورتن کي سماج ۾ مضبوط، مستحڪم ۽ باوقار ڪردار جي خواب کي ضرور مڪمل ڪرڻ تائين پهچائينداسين










