عورتاڻي آواز تي ڪچي ويندڙ ن کي پوليس اغوا کان بچائي ورتو

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور پوليس غوثپور جي ڪچي واري علائقي جي ديھ ڍنڍي ڀرسان جيڪب آباد واسي ٽن نوجوانن کي عورتاڻي آواز تي ھرکجي مبينه اغوا ٿيڻ کان مقابلي بعد بچائي ورتو۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب جيڪب آباد شھر جا ٽي نوجوان عبداحفيظ جکراڻي۔ عبداسميع کوسو ۽ عبدالغفار عمراڻي موٽر سائيڪل تي ڪچي طرف وڃي رھيا آھن جنھن بعد پوليس نفري واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي کي ڪڙو چاڙھي کين سوگھو ڪري کنڀي کڻي آئي۔۔نوجوان عبدالحفيظ جکراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته افشان مري نالي ھڪ عورت سان فون تي عشق ٿي ويو ھيو ۽ اڄ ان رات جو ھتي اچڻ جي دعوت ڪئي ھئي ان لا۽ پنھنجي دوستن سان گڏجي ڪچي طرف وڃي رھيا ھياسين ته اوچتو غوثپور پوليس پھچي روڪي ورتو۔ اسان کي اندازو نه ھيو ته اغوا ڪيو ويندو۔ ٻئي پاسي ايس ايڇ او گنھنور مھر ٻڌايو ته جاگيراڻي ۽ ڀيا گينگ جي ڏوھارين عورتاڻي آواز تي ھرکائي کين اغوا جو منصوبو جوڙيو ھيو جيڪو ناڪام بڻايو ويو آھي۔ پوليس ٽنھي نوجوانن کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو