’عوام کي هڪ ٻيو جهٽڪو، بجلي 2.52 روپيا في يونٽ مهانگي‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي يعنر نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 2.52 روپيا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سيپٽمبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز جي مد ۾ هي واڌ صارفين کان نومبر جي بل ۾ وصول ڪئي ويندي صرف هڪ مهيني لاءِ واڏ هوندي. هي واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين ۽ لائف لائين وارن يعني ماهوار 50 يونٽ استعمال ڪندڙن تي لاڳ نه ٿيندي. نيپرا جي هن فيصلي سان صارفين تي 35 ارب روپين جو ٻوجهه پوندو. مهانگائي جي ماريل عوام کي هي هڪ ٻيو وڏو جهٽڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو