شهدادڪوٽ (ن س) خدمت خلق جو جذبو رکندڙ ساڃاهه وند دوستن سماجي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ بابت سماجي فورم جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. عوامي سماجي فورم شهدادڪوٽ جو بنياد رکندي 11 رڪني آرگنائيزنگ ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪا فورم جي پليٽ فارم تان شهر جي سماجي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪندي ، سماجي فورم جي اعلان دوران گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ شهر جي مختلف علائقن، پاڙن ، اسڪولن ، ڪاليجن ۽ اسپتالن سميت سرڪاري عمارتن ۾ وڻڪاري ڪري ان جي مالڪي ڪئي ويندي. جنهن کان بعد مختلف بيمارن جهڙوڪ ايڊز ( ايڇ آء وي) ، هيپاٽائيٽس بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي سيمنار ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته شهر سماجي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي جنهن جي حل لاء سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي 11 رڪني آرگنائيزنگ ڪاميٽي ۾ وهاب پندراڻي ، نياز ڀٽي ، اي ڊي ٻرڙو ، ايڊووڪيٽ غلام محمد پٽاڻ ، ايڊووڪيٽ سنيل ڪمار ڇاٻڙيا، حيدر سومرو ، وزير ابڙو ، خدابخش دايو، غلام علي بروهي ، وقار ڀٽي ۽ شاهد اعواڻ کي آرگنائيز چونڊيو ويو.










