ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي سي ايم هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل ذريعي عوامي مسئلن جي ترت حل جو سلسلو اثرائتي نموني سان جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن موجب صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ عوامي نمائندا روزاني جي بنياد تي ڪمپلينٽ سيل ۾ شهرين جون شڪايتون ٻڌن ٿا ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪن ٿا، جيئن عوام کي بروقت رليف فراهم ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ اڄ سنڌ جي راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر سي ايم هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل ۾ ٽيليفون ذريعي شهرين جون شڪايتون ۽ مسئلا ٻڌا. شهرين مختلف سرڪاري کاتن بابت سندن مسئلا، شڪايتون ۽ تجويزون پيش ڪيون، جن تي صوبائي وزير لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور ازالي جا حڪم جاري ڪندي شهرين کي جلد رليف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته عوامي مسئلن جو بروقت ۽ اثرائتو حل سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ بهتر حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته وڏي وزير سنڌ جو پبلڪ ڪمپلينٽ سيل عوامي شڪايتن جي ازالي ۽ سرڪاري ادارن جي جوابدهي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي ايم هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ هڪ مضبوط ۽ اثرائتو رابطي جو ذريعو بڻجي چڪو آهي، جتي موصول ٿيندڙ هر شڪايت تي سنجيدگي سان ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري طور متحرڪ ڪيو وڃي ٿو. شڪايتن جي ترت ازالي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي ڪارڪردگي جي لاڳيتو نگراني پڻ ڪئي پئي وڃي، ته جيئن عوام کي تيز، شفاف ۽ بهتر خدمتون مهيا ڪري سگهجن. صوبائي وزير چيو ته وڏي وزير سنڌ جي خاص هدايتن تحت عوامي نمائندا باقاعدي پبلڪ ڪمپلينٽ سيل ۾ شهرين جون شڪايتون ٻڌن ٿا، جنهن سان عوام جو اعتماد وڌي رهيو آهي ۽ حڪومتي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عوام جي خدمت ۽ سندن مسئلن جو حل سنڌ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته شهري پنهنجيون شڪايتون سي ايم ھائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل جي ٽول فري نمبر 080091915 تي درج ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته 02199202047، 02199207349 ۽ 02199207568 پڻ عوامي شڪايتن جي رجسٽريشن ۽ رهنمائي لاءِ فعال آهن










