عوامي شڪايتن جو 3 ڏينهن ۾ ازالو ڪيو ويندو؛ ايس ايس پي

شڪارپور(عبدالخالق سومرو) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد رضوان احمد خان مدئجي ٿاڻي تي کليل ڪچهري ۾ ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ۽ اها خاطري ڪرائي ته عوام پاران پيش ڪيل شڪايتن جو 3 ڏينهن ۾ ازالو ڪيو ويندو. ايس ايس پي شڪارپور ايس ايڇ او کي جوا، آڪڙا پرچي ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته اسڪول ٽائيم تي هوٽلن تي هلندڙ فلمون، ويڊيو گيمز ۽ سنوڪر کي بند ڪرايو وڃي. ايس ايس پي شڪارپور وڌيڪ چيو ته کليل ڪچهرين جي شروعات ان ڪري ڪئي وئي آهي ته جيڪي ماڻهو آفيس نه ٿا اچي سگهن تن وٽ پهچي سندن ڏک، سور دور ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ڏوهن ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پوليس ته سرگرم آهي پر معاشري کي به متحرڪ ٿيڻ گهرجي اسان وٽ ڦر ٿيل يا چوري ٿيل سامان جي واپسيءَ ۾ ته خلق دلچسپي رکي ٿي پر ڪيس داخل نه ٿا ڪرايا وڃن جيڪو غلط رجحان آهي ۽ جيڪو هر صورت ۾ دور ٿيڻ گهرجي، اهو رويو ٺيڪ نه آهي ته سڀ جو سڀ مسئلا پوليس کان حل ڪرائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي پوليس جي خامين ۽ ڪمزورين تي نگاھ رکندڙ اهو به ويچارن ته پوليس اچي ڪٿان ٿي پوليس سماج مان اچي ٿي ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سماج کي به درست ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو