عمر ڪوٽ جو دورو، صحافين سان تعلقات وڌيڪ بھتر بنائڻ آهي

عمرڪوٽ (ن س ) ڊائريڪٽر جنرل اطلات کاتو سنڌ محمد سليم خان وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايت تي عمل ڪندي سنڌ جي ٻين ضلعن کان پوءِ عمرڪوٽ جو به دورو ڪيو ان موقع تي ھن چيو ته دوري جو مقصد ضلعي انتظاميه ۽ صحافين سان تعلقاتن کي وڌيڪ مظبوط ۽ بھتر بنائيڻ آهي انھن سان گڏ ڊائريڪٽر انفارميشن فلمز ڪراچي حذب الله ميمڻ، ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص غلام رضا کوسو ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن عمرڪوٽ غوث محمد پٺاڻ انفارميشن آفيسر اسلم ڀٽي به موجود ھئا دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر آفس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 شعبان شيخ ۽ پي ايس ٽو ڊپٽي ڪمشنر رفيق احمد سان ملاقات ڪئي ھن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو شعبان شيخ کي چيو ته ضلعي جا تمام ترقياتي اسڪيمن جي تفصيل ۽ ڊسٽرڪٽ پروفائيل ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن کي فراھم ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ حڪومت پاران عمرڪوٽ ۾ جاري ترقياتي ڪم ۽ ضلعي جي معلومات جي بھتر تشرع ڪري سگھجي ۽ ان کي خوبصورت انداز ۾ اطلاعات کاتي پاران ڇپجندڙ رسالن ۾ شايع ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ سميت پوري پاڪستان جي ماڻھن کي ان ضلعي جي مڪمل ڄاڻ ڏئي سگھجي ان بعد ھو صحافين جي مسئلن ٻڌڻ لاءِ عمرڪوٽ پريس ڪلب پھتا ان موقع تي ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات محمد سليم خان ڊائريڪٽر فلمز حذب الله ميمڻ مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحمداني سينئر صحافين الياس ٿري سيد ريحان شبير شاهه ۽ ٻين صحافين پاران پريس ڪلب جي صدر غلام محمد ڪنڀر پاران لکيل ڪتاب اڌ صدي جو سفر جي رونمائي ڪئي وئي صحافين پاران پريس ڪلب ۽ صحافين جي درپيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سنڌ محمد سليم خان چيو ته اسان جي اداري جو ڪم ئي پريس ڪلبن ۽ صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ آهي اسان جي ڪوشش ھوندي ته اسان توھان جي اداري جي بھتري لاءِ ھن جي سالانه بجيٽ ۾ اضافو ڪرايون ته جيئن توھان عام ماڻھن جي درپيش مسئلن کي ايوانن تائين پھچائي سگھو ھن چيو ته سنڌ پوليس پاران توھان سان ناجائزي ڪئي وئي آهي ته ان صورت ۾ توھان صحافين جي تحفظ لاءِ ٺاھيل ڪاميٽي سان رابطو ڪريو ۽ اسان جي اداري پاران به توھان سان مڪمل تعاون ڪيو ويندو ان کان پوءِ ھن سنڌ حڪومت پاران اطلاعات کاتي جي تعمير ٿيندڙ آفس بلڊنگ جو به دورو ڪيو ھن آفس بلڊنگ جي رڪيل ڪم تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ چيوته آفس جو ڪم کي جلد شروع ڪرائڻ لاءِ مڪمل ڪوشش ڪئي ويندي ھن اطلاعات کاتي جي آفس عمرڪوٽ ۾ آفيسرن ۽ اسٽاف سان ملاقات ڪئي ان موقع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غوث محمد پٺاڻ نئين تعمير ٿيندڙ آفس بلڊنگ جي سلسلي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ آفس اسٽاف جي پروموشن ۽ ٻين مسئلن کان به آگاهه ڪيو آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات ٽيم سان گڏ ٿر ميوزيم ۽ عمرڪوٽ قلعي جو دورو پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو