عمر شريف جي لاڏاڻي تي پاڪ ڀارت فنڪارن پاران ڏک ظاهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي زندگي مرڪون ڏيندڙ اسٽيج جو بي تاج بادشاهه ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف لاڏاڻو ڪري ويو. عمر شريف کي ڪراچي کان ايئر ايمبولينس ذريعي آمريڪا نيو پئي ويو پر رستي ۾ طبيعت خراب هجڻ تي کيس جرمني جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هو فوت ٿي ويو. عمر شريف جي خانداني ذريعن به سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، عمر شريف دل ۽ ڪينسر سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو. عمر شريف جي لاڏاڻي تي پاڪستان ۽ هندستان جي شوبز انڊسٽري ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي.

سندس تدفين عبدالله شاهه غازي جي مزار لڳ ٿيندي سنڌ حڪومت ان جو انتظام ڪري پئي. پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو