عمران فاروق کي الطاف حسين قتل ڪرايو هو، مصطفيٰ ڪمال

عمران فاروق کي الطاف حسين قتل ڪرايو هو، مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(رپورٽ علي مرتضيٰ مهر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال انڪشاف ڪيو آهي ته عمران فاروق کي الطاف حسين قتل ڪرايو هو.
ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال الزام هنيو ته نشي جي حالت ۾ الطاف حسين، پارٽي کي 40 سال ڏيندڙ عمران فاروق کي سندس سالگرهه واري ڏينهن قتل ڪرائي، 17 سيپٽمبر 2010ع تي کيس “سالگرهه جو تحفو” ڏنو. سندس چوڻ موجب عمران فاروق جي قتل جو حڪم الطاف حسين ئي ڏنو هو.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته باني ايم ڪيو ايم هڪ ڊراميباز ماڻهو آهي. باني ايم ڪيو ايم لاش لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق جي زال جي لاش تي به ڊرامو ڪيو.
وفاقي وزير موجب باني ايم ڪيو ايم لاش پاڪستان موڪلڻ لاءِ لکين پائونڊ چندي طور وصول ڪيا. تازن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق جي زال جو انتقال ٿيو، ته نام نهاد باني ايم ڪيو ايم ان لاش تي به واويلا مچايو.
هن چيو ته باني ايم ڪيو ايم ميت پاڪستان موڪلڻ لاءِ سڄي دنيا مان چندو گڏ ڪيو. مون ٻه سال اڳ باني ايم ڪيو ايم بابت ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو، هو رڳو ڊرامو ڪري رهيو آهي. تڪيي هيٺان پنج لک پائونڊ نڪتا، آفيس مان ڇهه لک پائونڊ نڪتا، پر عمران فاروق جي زال لاءِ وٽس ڇهه هزار پائونڊ به نه هئا.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته عمران فاروق جي وفات کان پوءِ سندس خاندان سان ڪو به رابطو نه رکيو ويو. مان باني ايم ڪيو ايم کي چوان ٿو ته ڪيس ٻيهر کولرايو ته اصل قاتلن جو پتو پوي. الطاف حسين جيڪڏهن همت ڪري ته مان پنهنجي پئسن سان به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هي ماڻهو پاڻ کي راجا اندر سمجهي ٿو. اسان ڪيترين ڳالهين تي پردو وڌو. جڏهن عمران فاروق قتل ٿيو هو ته مان پارٽي طرفان اتي ويو هوس.
هن چيو ته مان اتي موجود هوس، باني ايم ڪيو ايم کي جنازي نماز ۾ صرف تصوير ڪڍرائڻ جي پرواهه هئي. مسجد ۾ ڪيمرا جي اجازت نه هجڻ باوجود به باني ايم ڪيو ايم هڪ ڇوڪري کان تصوير ڪڍرائي.
وفاقي وزير چيو ته باني ايم ڪيو ايم مهاجر قوم جو سڀ کان وڏو غدار آهي. مهاجر قوم وڏي بدقسمت آهي، اسان کي ڪهڙو ڏوهاري اڳواڻ مليو آهي. 40 سالن ۾ هن ڪيترا ماڻهو ڳڙڪائي ڇڏيا، اڃا به ڳڙڪائي رهيو آهي. اسان آئينِي ترميم کڻي گهمندا رهياسين، الله کيس ايتري طاقت ڏني هئي، ان وقت کيس اهو خيال نه آيو، هاڻي اسان کي نصيحتون ڏئي رهيو آهي. آئينِي ترميم لاءِ هن ڪڏهن هڙتال ڪئي؟ جڏهن هڪ سڏ تي پنج لک ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. جيڪڏهن 20 سال اڳ اهو سڀ ڪري ها ته 10 منٽن ۾ آئينِي ترميم ٿي وڃي ها، پر هو اهو نٿو چاهي.
هن چيو ته اسڪاٽلينڊ يارڊ کي خبر هئي ته عمران فاروق کي ڪنهن قتل ڪيو آهي، ان ڪري قتل کان پوءِ 15 ڏينهن تائين ٻارن کي لڪايو ويو. ڊاڪٽر عمران فاروق جا ٻار هاڻي جوان ٿي ويا آهن. هي ماڻهو پاڻ قتل ڪرائي ٿو ۽ پوءِ پاڻ ئي سوڳ به ملهائي ٿو. اسان آئينِي ترميم بابت سوچيون ٿا ته 15 سال اڳ اهو ڪيترو آسان ڪم هو. مان وفاقي وزير آهيان، مون کي ڇا ضرورت هئي جو هي ڳالهيون ڪيان؟ جيڪڏهن ماڻهن لاءِ آواز نه اٿاريان ته مان اهڙي وزارت تي لعنت موڪليان ٿو.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته مان عمران فاروق جي ٻارن کي چوان ٿو ته لنڊن ۾ هن ماڻهو کان بچي رهو. پنهنجي پيءُ جي قتل جي جاچ لاءِ عدالت وڃو ۽ ڪيس داخل ڪريو. هي ماڻهو خاموشي کي ڪمزوري سمجهي ٿو. هن ماڻهو اسان کي 200 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. تعليم ۽ تربيت سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مان عمران فاروق جي قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ هر قسم جي تعاون لاءِ تيار آهيان.
سندس چوڻ هو ته هن شخص، الطاف حسين، منهنجو شهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسين ان شاءَالله هن شهر کي ٻيهر اڳئين جاءِ تي وٺي اينداسين.
هڪ سوال جي جواب ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته قاتل ڪيئن ٻڌائي سگهي ٿو ته قتل ڪنهن ڪيو؟ مان ته ٻن سالن کان ڳالهائي به نه رهيو هوس. تون نه، اسين ٻڌائينداسين ته قتل ڪنهن ڪيو آهي. تون ئي قاتل آهين. هو تاريخ کي خراب ڪري رهيو آهي ۽ سچ کي مروڙي رهيو آهي. اسان اڃا رڳو ٽريلر ڏيکاريو آهي. مان چئلينج ٿو ڏيان، اچي الطاف حسين اسان سان ڳالهائي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي اهو ماڻهو آهي جنهن هن قوم ۽ هن شهر کي وڪرو ڪيو آهي. ڇا مان رحمان ملڪ سان اٺ، اٺ ڪلاڪ ملاقاتون ڪندو هوس؟ جڏهن رحمان ملڪ سان ملاقاتون ٿينديون هيون، ان وقت کيس قوم جو خيال نه آيو؟ جيڪڏهن اهو ماڻهو تڏهن پيپلز پارٽي کان آئينِي ترميمون منظور ڪرائي وٺي ها ته اهي ڪيئن نه مڃين ها؟ الطاف حسين کي هاڻي چپ ڪري خاموشي سان مري وڃڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو