عمران خان ڪرپشن جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، مفتاح

عمران خان ڪرپشن جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، مفتاح

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هن سعودي عرب کي چيو آهي ته هن سال اسٽيٽ بئنڪ مان پئسا واپس نه وٺن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته سعودي عرب جي دوري دوران ڪيتريون ئي مثبت شيون سامهون آيون جيڪي وقت اچڻ تي سامهون اينديون. انهن اسان جي درخواست تي صحيح ۽ ڪافي مثبت جواب ڏنو آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ تيز ترين بجيٽ خسارو پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٿيو، عمران خان جي حڪومت به ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو. مفتاح اسماعيل چيو ته اڄ کنڊ ملڪ ۾ 2019 کانپوءِ سڀ کان سستي آهي، يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جو اگهه 70 رپيا، اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 1100 رپين مان گهٽجي 800 روپيا ٿي ويو آهي، شهباز شريف قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته عمران خان جي حڪومت 20 هزار ارب رپيا قرض ورتو جيڪو 75 سالن ۾ ورتل قرض جو80 سيڪڙو آهي، شهزاد اڪبر شگر ملز جي ٽيڪس چوري تي ڇو اکيون بند ڪري ڇڏيون؟ ڪنهن 37 شاگردن جي پڙهائي لاءِ هڪ ارب رپيا ڇو ڏنا؟ هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ٽيم آءِ ايم ايف سان ڪجهه ٻي ڳالهه ڪئي، هتي ڪجهه ڏينهن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي صورتحال بهتر ٿي آهي، پي ٽي آءِ چين جي ڪمپنين جا 290 ارب روڪي ڇڏيا. اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته توهان ڊيزل تي 70 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جو آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو ۽ ان تي عمل ٿيڻ سان اڄ ڊيزل 150 رپيا هجڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل حڪومت ڊالر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مداخلت ڪئي هئي، سود جي شرح، مارڪيٽ ۾ مداخلت هئي، ڊالر کي ڪنٽرول ڪرڻ جا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، سستا هائوسنگ قرض ۽ اهڙيون رٿائون ختم ڪرڻ جو ارادو نه هو. مفتاح اسماعيل اهو به چيو ته مان ڏسان ٿو ته عمران خان ٻه ڏينهن ڪيئن ٿو ڌرڻو هڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو