عمران خان کي چيف سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪرڻ جي هدايت

عمران خان کي چيف سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد)بيورو) وزيراعظم شهباز شريف عمران خان کي فوري طور تي چيف سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم کي گهرو وزارت طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته عمران خان ۽ چيف سيڪيورٽي آفيسر کي فوري طور تي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.شهباز شريف چيو ته صوبائي حڪومتون عمران خان کي ملاقاتن دوران سيڪيورٽي فراهم ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو