عمران خان کان سواءِ ڪابه اليڪشن غير آئيني هوندي: تحريڪ انصاف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ طرفان عمران خان کان سواءِ منصفاڻي چونڊن جي حوالي سان ڏنل بيان تي پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو بيان آئين، جمهوريت ۽ ملڪي مفادن جي حوالي سان رياستي ڍانچي ۾ ملندڙ عدم حساسيت جو مظهر آهي. تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي ۽ عمران خان مشهور سياسي اڳواڻ آهي. نگران وزيراعظم کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان يا تحريڪ انصاف جي شموليت کان سواءِ ڪرايل ڪابه اليڪشن غير آئيني، غيرقانوني ۽ غير اخلاقي هوندي جنهن کي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو.تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته غير معمولي عوامي حمايت سان سياسي قيادت ۽ پارٽي جي مصنوعي، غير جمهوري ۽ غير آئيني طريقي سان چونڊ کان ٻاهر ڪرڻ جا نتيجا هميشه تباهي آڻيندڙ ٿيندا آهن. قانون موجب جمهوريت ۽ اخلاق نگران وزيراعظم کي سياست ۽ اليڪشن تي اثر انداز ٿيڻ جي غير فطري، غير جمهوري ۽ غير آئيني منصوبي جو حصو بنجڻ جي هرگز اجازت نٿو ڏئي.پي ٽي آءِ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فوري طور تي پنهنجي ڏنل بيان جي وضاحت پيش ڪري ۽ چڙ ڏياريندڙ منصوبي کان پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي ڌار ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو