عمران خان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ منٿون پيو ڪري: حافظ حمدالله

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته عمران خان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي بشريٰ بي بي جي ملاقاتن جو نتيجو ته نه آهي؟ بشريٰ بي بي ڪنهن جي لاءِ دوست اسلامي ملڪن کان اين آر او گهري رهي آهي.پي ڊي ايم ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن هڪ صحافي جي خبر پي ٽي آءِ چيئرمين جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو هو. بشريٰ بي بي اسلام آباد جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ اسلامي ملڪ جي اهم شخصيت سان ملاقات ڇو ڪئي؟ بشريٰ بي بي ان اهم شخصيت کي اهو به چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي لاءِ تيار آهي.پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله وڌيڪ چيو ته اڄ مان سموري قوم کي ٻڌائيندس ته پي ٽي آءِ چيئرمين هاڻ اين آر او تحت ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو