اسلام آباد (بيورو رپورٽ)طلال چوڌري چيو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ سياسي مفاد ۽ سياست لاءِ سائفر کي استعمال ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ اڳواڻ چيو ته توشه خانو ڪيس مسلسل التوا ۾ آهي.هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ڏني وئي، ڪو پڇڻ وارو ناهي ته 9 مئي تي حملو ڪندڙ ڪير هئا؟ 9 مئي جي واقعن جو مرڪزي جوابدار پي ٽي آءِ چيئرمين آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته قومي مفاد کي نقصان پهچائڻ واري لاڏلي کان پڇاڻو ناهي ڪيو ويو؟ جنهن به چيئرمين پي ٽي آءِ تي احسان ڪيو، ان کي ڏنگ هنيو.طلال چوڌري چيو ته هاڻي چيئرمين پي ٽي آءِ چئي رهيو آهي ته اعظم خان ايماندار آهي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چوندو ته مون کي سٺو سيڪريٽري به ناهي مليو.ن ليگ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کان پڇاڻو نه ڪيو وڃي ته آرٽيڪل 6 ختم ڪيو وڃي.
