عمران خان کي ملندڙ سهولتن بابت رپورٽ جعلي آهي: نعيم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سائفر ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي وڪيلن سيڪريٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي موڪل تي وڃڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي موڪل تي وڃڻ سبب سڪرنڊ ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني ٽيم ۾ شامل وڪيل انتظار پنجوتا چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ انصاف جا دروازا بند ٿيل آهن انتظار پنجوٿا چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا ملڻي هئي، ٽرائل ڪورٽ 5 ڏينهن ۾ فيصلو ڏنو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ۾ سهولتن جي جعلي رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته گذريل ڏينهن جج ابوالحسنات ذوالقرنين رمانڊ تي آيو هو پر اڄ موڪل تي هليو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي انصاف نه ڏيڻ ۽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي نه ڪرڻ ظلم آهي.نعيم پنجوٿا چيو ته سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين کي طلب ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو