عمران خان سان مونس الاهي ۽ حسين الاهي جي ملاقات

عمران خان سان مونس الاهي ۽ حسين الاهي جي ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن مونس الاهي ۽ حسين الاهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب مونس الاهي عمران خان کي پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي تيارين بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي عمران خان چيو ته پارلياماني طاقت ۽ اڪثريت پي ٽي آءِ وٽ آهي، هو چونڊ عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪنهن به انتظامي ڪوشش کي برداشت نه ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو