لاهور (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته اٽڪ جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو اي ڪلاس وارو مطالبو غير قانوني ۽ غير منطقي آهي.هڪ بيان ۾ اڳوڻي صوبائي وزير فياض چوهاڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ جيلن ۾ اي ڪلاس ختم ڪيو ويو، پي ٽي آءِ حڪومت پاڻ ئي جيل ضابطن ۾ تبديلي ڪري اي ڪلاس ختم ڪيو.پنجاب جي جيلن جي ضابطن موجب هاڻي جنرل ڪلاس ۽ بي ڪلاس آهن، بي ڪلاس ۾ ٽي وي، بيڊ، ٽيبل، ڪرسي ۽ اخبار جي سهولت آهي.










