عمران خان سميت 600 ڄڻن جا نالا نو فلائي لسٽ ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت 600 کان وڌيڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن جا نالا 9 فلائي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.ايف آءِ اي ذريعن موجب عمران خان سميت 600 کان وڌيڪ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن ۽ پي ٽي آءِ جي عهديدارن جا نالا نو فلائي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 9 مئي تي ٿيل باهه ۽ گهرن جي گهيراءُ جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ايف آءِ اي جي صوبائي قومي سڃاڻپ لسٽ (پي اين آءِ ايل) ۾ شامل ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جو نالو به نو فلائي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.انهن کان علاوه مراد سعيد، ملاڪا بخاري، فواد چوڌري، حماد اظهر، قاسم سوري، اسد قيصر، ياسمين راشد ۽ ميان اسلم اقبال کي به نون فلائي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 3 ڏينهن ۾ ڪجهه اهلڪارن پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ پي ٽي آءِ ميمبرن ۽ اهلڪارن کي ايئرپورٽس تي روڪيو ويو. پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ڳجهن ادارن طرفان نالا موڪليا ويا ته جيئن کين پرڏيهه وڃڻ کان روڪي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو