پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي اينٽي ڪرپشن عدالت اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير علي محمد خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.اينٽي ڪرپشن عدالت علي محمد خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس 80 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.واضح رهي ته اڳوڻو مملڪتي وزير علي محمد خان جوڊيشل رمانڊ تي مردان جيل ۾ آهي. خيبرپختونخواهه جي اينٽي ڪرپشن کاتي اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان کي مردان جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.اينٽي ڪرپشن کاتي موجب علي محمد خان تي 2018ع ۽ 2019ع ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ٺيڪن ۾ غلط استعمال جو الزام آهي، جنهن بعد مٿس گذريل ڏينهن نئون ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ اڳوڻو صوبائي وزير عاطف خان ۽ اڳوڻو ايم پي اي طفيل انجم به نامزد آهن، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ لوڪل گورنمينٽ آفيس ۽ اي ڊي لوڪل گورنمينٽ فضل الله سميت ڪيترن ئي ٺيڪيدارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملدارن موجب ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، اڳوڻو وزير اشتياق وساڻ ۽ تيمور جهڳڙا کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪامران بنگش، فضل الاهي ۽ ارباب جهانداد کي به گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطا تيز ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته پشاور جي اينٽي ڪرپشن عدالت اڄ اڳوڻي صوبائي وزير علي محمد خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي هئي. عدالت علي محمد خان کي 80 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، غير قانوني ڀرتين ۽ خزاني کي 23 لک رپيا نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.
