علي شيخاڻي پاران گڏاڻي جي خاندان لاءِ هڪ ڪروڙ امداد جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امريڪي پاڪستاني ۽ ريپبلڪن اڳواڻ علي شيخاڻي سنڌ جي علائقي ميرپور ماٿيلو ۾ قتل ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي. ٽيڪساس مان فون تي ڳالهائيندي علي شيخاڻي ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته نصرالله گڏاڻي جي گهرڀاتين وانگر اوورسيز پاڪستانين جون دليون به غمگين آهن.علي شيخاڻي مقتول صحافي جي وارثن کي فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته قلم جي عظمت جو علم بلند ڪرڻ وارن لاءِ هي ٿورائتو نذرانو آهي.آمريڪي-پاڪستاني واپاري علي شيخاڻي چيو ته هو ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ايندو ۽ مائٽن سان به ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو