پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف پنجاب جي مختلف شهرن ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.علي امين گنڊاپور خلاف پنجاب ۾ 56 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.دستاويزن موجب وڏي وزير خلاف سڀ کان وڌيڪ ڪيس اسلام آباد ۾ 32 آهن، ان کان علاوه راولپنڊي ۾ 16، فيصل آباد ۾ 4 ۽ گوجرانوالا ۾ هڪ ڪيس آهي.وڏي وزير خلاف حسن ابدال ۾ 2 ۽ حضرو ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.دستاويز موجب ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل جي ڪوشش ۽ رياست خلاف ڪارروايون شامل آهن.










