عطا تارڙ سان پريس ڪلب جي وفد جي ملاقات،مسئلا حل ڪرڻ جي يقين ڌياني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب جي وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.صحافين، ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ،سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جمهوريت جي چوٿين ستون جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي،آزاد ميڊيا جي حمايت ڪريان ٿو،سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي ميڊيا هائوسز ۽ اخبارن جا بقايا ادا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.جلد ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪندس ۽ صحافين سان تفصيلي ملاقات ڪندس، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير کي صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريواطلاعات واري وفاقي وزير ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان کي ڪراچي پريس ڪلب لاءِ 10 لک رپين جو چيڪ پڻ پيش ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو