عدليا ۾ مداخلت، 6 ججن جو جڊيشل ڪائونسل کي خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو آهي ته عدالتي معاملن ۾ انٽيلجنس ادارن جي مداخلت وڌي وئي آهي جنهن سان عدليا جي آزادي سخت متاثر ٿي رهي آهي. ججن چيو آهي ته ڪوڊ آف ڪانڊڪٽ ۾ اهڙي صورتحال ۾ معاملو نمٽائڻ بابت رهنمائي نٿي ملي، اوهان جي رهنمائي جي ضرورت آهي، ٻڌايو ته ڇا ڪريون؟ خط ۾ اها تجويز به ڏني وئي آهي ته سپريم ڪورٽ سڀني هاءِ ڪورٽس جو اجلاس گهرائي گڏيل راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي. 6 صفحن تي مشتمل خط سان گڏ گذريل سال اڳوني چيف جسٽس کي موڪليل خطن جي ڪاپي به موڪلي وئي آهي. جنهن جون ڪاپيون سنڌيار وٽ موجود آهن.خط ۾ چيو ويو آهي ته ججن کان من پسند فيصلا وٺڻ لاءِ کين بليڪ ميل ڪيو ٿو وڃي ۽ ڌمڪيون به ڏنيون وڃن ٿيون. هڪ جج جي مائٽ کي اغوا ڪري کيس بجلي جا جهٽڪا ڏئي تشدد ڪري مرضي جو بيان ورتو ويو. ججن جي گهرن ۾ بيڊ رومز ۾ خفيه ڪيمرا لڳايون وڃن ٿيون. سڀ جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ شوڪت عزيز جهڙا دلير نه آهن ته هو پنهنجا ڪيس وڙهي انصاف حاصل ڪن. جسٽس شوڪت عزيز جي ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ ججن کي ملندڙ ڌمڪين ۽ مرضي جا فيصلا حاصل ڪندڙن جي جانچ ڪري ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو