ايجنسين جي مداخلت، فل ڪورٽ اجلاس بنا فيصلي ختم، سڀاڻي وزيراعظم ملندو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران عدالتي ڪمن ۾ انتظاميه ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي مداخلت، ججن کي بليڪ ميل ڪرڻ، ڌمڪائڻ ۽ مائٽن کي اغو ڪري تشدد ڪرڻ بابت لکيل خط تي غور لاءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو. سوا ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ اجلاس ۾ گهڻ پاسائين طريقي سان مختلف نقطن تي غور ڪيو ويو پر ڪو فيصلو جاري نه ڪيو ويو. توقع هئي ته ڪو بيان جاري ڪيو ويندو پر ساڍي نائين تائين بيان سامهون نه آيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل اعظم نذير تارڙ ۽ اهم حڪومتي شخصيتن سان رابطو ڪري چيف جسٽس کي پيغام پهچايو. ذريعن موجب وزيراعظم ۽ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙخميس تي چيف جسٽس سان ملاقات ڪندا جنهن بعد امڪان آهي ته ٻيهر فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪيو وڃي ۽ اهم فيصلي جو اعلان ڪيو وڃي. اجلاس گهرائڻ جي اعلان کان اڳ اٽارني جنرل عثمان منصور اعواڻ چيف جسٽس سان ملاقات به ڪئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن مان 6 ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن جي نالي لکيل خط ۾ رهنمائي گهري هئي ته عدالتي ڪمن ۾ مداخلت ڪندڙ ايجنسين جي اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪيئن ڪجي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جون صحيحون نه هيون. جڏهن ته جسٽس محسن اختر ڪياني جيڪو سينئر جج آهي، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز خط لکڻ وارا جج آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو