عدالت پاران قيد وارو عرصو سزا ۾ تبديل، ملزم آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  ڊويزن بئنچ  غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار جوابدار وليد جي جيل ۾ گذاريل قيد کي سزا قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم خميس تي جوابدار وليد پاران خاص عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل جو فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. هاءِ ڪورٽ جوابدار کي ٻڌايل 6 سال قيد واري سزا ختم ڪندي سندس پاران ڪاٽيل قيد کي سزا قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو