عدالتي حڪم تحت آزاد ٿيندڙ پرويز الاهي ٻيهر گرفتار

عدالتي حڪم تحت آزاد ٿيندڙ پرويز الاهي ٻيهر گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.پرويز الاهي کي آزاد ڪري وڪيل جي گاڏي ۾ ويهاريو ويو، پر پوليس لائنز کان ڪجهه فاصلي تي پهچندي ئي کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.ذريعن موجب پرويز الاهي کي اسلام آباد پوليس جي اينٽي ٽيررازم ڊويزن گرفتار ڪيو.پرويز الاهي جي چيڪ اپ لاءِ پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ٽيم پوليس لائن پهچي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس چيڪ اپ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو