عام چونڊون 11 فيبروري تي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ 11 فيبروري ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سوجيل سواتي عدالت ۾ بيان ڏنو ته 30 نومبر تائين تڪ بنديون مڪمل ڪيون وينديون. چونڊون 11 فيبروري تي ٿيڻ گهرجن،چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا صدر پاڪستان چونڊن جي تاريخ بابت بورڊ تي آهي؟ ڇا صدر سان چونڊن جي تاريخ بابت صلاح مشورو ڪيو ويو؟ چيف جسٽس هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن اڄ ئي صدر سان مشاورت ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو