ٽنڊو محمد خان (ن س9ايندڙ عام چونڊن جون تياريون تڪميل جي مرحلي ۾ آهن. جنهن حوالي سان حتمي ووٽر فهرستون سموري ملڪ ۾ شايع ڪيون ويون آهن. پر اڃان به دير نه ٿي آهي. حتمي انتخابي فهرست ۾ شامل ٿيڻ لا۽ يا وري پنهنجي ووٽ جي تبديلي لا۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيس سميت ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ قائم فارم سبميشن سينٽرن تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار ضلعي اليڪشن ڪمشنر تنڊو محمد خان احمد نديم شيخ پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ سال کان هلندڙ ووٽر لسٽن جي ڇنڊڇاڻ واري سلسلي کي تڪميل تائين پهچائي حتمي فهرستون ملڪ جي هر ضلعي اليڪشن ڪمشنر افيس ۾ شايع ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ان کان علاوه پوري ملڪ ۾ 2080 فارم سبميشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن عوام پنهنجي علائقي ۾ ئي موجود سينٽرن تي رابطو ڪري ووٽ جي داخلا، منتقلي يا درستگي جي لاءِ فارم وصول ڪري ان ئي سينٽر تي فارم جمع ڪرائي سگهي. جڏهن ته ضلعي ٽنڊو محمد خان جي اليڪشن آفيس کان علاوه پوري ضلعي ۾ 10 فارم سبميشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. عوام پنهنجي ووٽ جي معلومات جي لاءِ ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيس ۾ خصوصي طور قائم ڪيل ون ونڊو سينٽر تي اچي پنهنجي ووٽ جي معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا ان کان علاوه گهر ويٺي پنهنجو شناختي ڪارڊ 8300 تي ايس ايم ايس ڪري پڻ ووٽ جي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ پنهنجو ووٽ داخل نه هئڻ جي صورت ۾ فارم نمبر 21 ذريعي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائي سگهجي ٿو جڏهن ته ساڳئي فارم جي ذريعي ووٽ جي درست جڳهه تي منتقلي پڻ ڪرائي سگهجي ٿي. ووٽر لسٽ ۾ موجود غلط داخل ٿيل ووٽ تي اعتراض جي لاءِ فارم 22 جڏهن ته ووٽ جي ڪوائف ۾ درستگي جي لاءِ فارم 23 ڀري درستگي ڪرائي سگهجي ٿي. ضلعي اليڪشن ڪمشنر تمام لاڳاپيل ماڻهن تي زور ڀريندي چيو ته ايندڙ عام چونڊن کان پهرين هر شخص تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته پنهنجي ووٽ جي خبر چار وٺن ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ اهي پنهنجي ووٽ جي بنيادي حق کان محروم نه رهي سگهن. هن چيو ته هن قومي ڪاز جي لاءِ هر مقطبي فڪر جي ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ عام عوام کي هن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ عام ماڻهن ۾ اهو شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ عام چونڊن ۾ هر ماڻهو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهي










