اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي سخت مذمت ڪئي آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسپتال کي نشانو بڻائڻ غير انساني عمل آهي ڇاڪاڻ ته عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو.نگران وزيراعظم فلسطين تي اسرائيل جا بلااشتعال حملا بند ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.هن چيو ته عالمي برادري تشدد کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻي ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري ۽ اسرائيل کي بيگناهه فلسطينين کي قتل ڪرڻ کان روڪي.
