لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري جي پسنديده ڳائڻي عاطف اسلم پنهنجي زال سارا ڀروانا جي سالگرهه ملهائي، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. گلوڪار جي زال جي پرائيويٽ سالگرهه پارٽي جون ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي وائرل ٿي رهيون آهن. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ عاطف اسلم پنهنجي زال سان گڏ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ کيس مبارڪباد ڏيندي نظر آيو.ڳائڻي هڪ خانگي ريسٽورنٽ ۾ پنهنجي زال جي سالگرهه جي شاندار پارٽي ڏني، جنهن ۾ ساره جي ويجهن دوستن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ساره ڀروانا ’سي گرين‘ رنگ جو لباس پهريو هو ۽ عاطف اسلم پڻ پنهنجي ڪپڙن مان ملندڙ شرٽ ۽ بليڪ پينٽ جو انتخاب ڪيو هو. تصويرن جي وائرل ٿيڻ کان پوءِ گلوڪار جي زال کي به سوشل ميڊيا صارفين طرفان سالگرهه جون واڌايون ڏنيون ويون.
