طالبان غزني تي به قبضو ڪري ورتو، افغانستان ۾ جنگ تيز

ڪابل (ويب ديسڪ) طالبان غزني تي به قبضو ڪري ورتو آهي جنهن جي تصديق طالبان ترجمان ۽ ڪابل حڪومت جي ترجمان به ڪئي آهي. ڪابل قنڌار روڊ تي واقع گورنر هائوس تي قبضو ڪري کيس ڪابل روانو ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته غزني تي دشمنن قبضو ڪيو آهي پر فورسز جي مزاحمت جاري آهي. 13 لک جي آبادي واري هن صوبي ۾ 17 ضلعا آهن، هتي غزني پٺاڻ جيڪي وڏا ويڙاه طور مشهور آهن ۽ هندوستان تي حملا ڪندڙ محمود غزنوي جي فوج ۾ رهندڙ ماڻهن جي اولاد آهي. غزني تي قبضي بعد مجموعي طور 34 صوبن واري ملڪ جي 10 صوبائي هيڊ ڪوارٽرن تي طالبان قبضو ڪري چڪا آهن. غزني ڪابل کان ڏيڍ سو ڪلميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو